ملاڪاتيار ۾ملهه پهلوان جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي خاڪ

ملاڪاتيار (ن ع آ) ملاڪاتيار ويجهو ڳوٺ دوست علي جماري ۾ سنڌ لاڙ جي مشهور ملهه پهلوان سنڌ ملهه ايسئوسيشن ضلعي ٽنڊي  محمدخان جي صدر عيسي جماري جي گهر کي اوچتو باهي لڳي هئي جنهن جي نيتجي ۾ الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو مشهور ملهه پهلوان عيسي جماري صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته گهر ۾ اچتو باهي لڳڻ سبب سمورو گهر سڙي رک ٿي ويو ٻار ٻچن سميت فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون.  ، ميلن ۾ ملهه دوران ساڄي ٽنگ ۽ ساڄي ٻانهن ٽٽي پئي جنهن جي وجهي سان ملهه وڙهڻ يا محنت مزدوري به نٿو ڪري سگهان ، هن ٻڌايو ته ثقافت کاتي سنڌ کي فنڊ لاء درخواستون ڏنيون آهي ، مشهور ملهه پهلوان  وزيراعلي سنڌ ثقافت کاتي ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو منهنجي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.