2012ع ۾ ڀرتي استاد ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جو ڪم به رولڙي جو شڪار

ڪراچي (رپورٽ: صادق سومرو) اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ 2012 ۾ ڀرتي ٿيل استادن مان 15 گريڊ وارا استاد اڃا ريگيولر نه ٿيا، نان  ٽيچنگ اسٽاف کي پگهارون ڏيڻ جو حڪم نامو جاري، اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ پير مظهر الحق جي دور ۾ ڀرتي ٿيل ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جو مسئلو اڃاتائين رولڙي جوشڪار آهي. ساڍا 4 هزار کان وڌيڪ استادن ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي مسئلي جي حل لاءِ مختلف وقتن تي جوڙيل ڪميٽيون ۽ حڪومت توڙي استاد تنظيمن وچ ۾ ڳالهين کانپوءِ پرائمري استادن کي ريگيولر ڪرڻ  ۽ سندن پگهارون جاري ڪرڻ جو مسئلو حل ڪيو ويو، جڏهن ته گريڊ 15 جي جونيئر اسڪول ٽيچرز کي ريگيولر ڪرڻ جو معاملو اڃا ٽنگيل آهي،  ٻئي طرف لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين کانپوءِ اسڪول ايجوڪيشن کاتي پهرين مرحلي ۾ گريڊ هڪ کان گريڊ 4 جي نان ٽيچنگ اسٽاف، جنهن ۾ پٽيوالا، چوڪيدار، ڊرائيور ۽ ٻيا ملازم شامل آهن،انهن کي پگهارون جاري ڪرڻ سان گڏ آءِ ڊيز به کولڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي،  اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڊائريڪٽرن ۽ سمورن ضلعن جي ڊي اي اوز کي ليٽر جاري ڪري هدايت ڪئي وئي آهي ته کاتي جي 13  نقطن واري لسٽ  تي پورو لهندڙ سمورن ملازمن کي پگهارون جاري ڪيون وڃن، جن جون پگهارو بائيو ميٽرڪ دوران بند ڪيون ويون هيون.جڏهن ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ 2012 ۾ ڀرتي ٿيل 15 گريڊ جي استادن کي ريگيولر ڪرڻ جو معاملو اڃا ٽنگيل آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.