12 آڪٽوبر پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي: سحر ڪامران

سکر(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر سحر ڪامران جي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته  شهر  کي صحت، تعليمي ادارا ۽ سهولتون ڏيندڙ خورشيد شاهه نيب جي حراست ۾ آهي پاڪستان آمريت جي وڏي سزا پيو ڀوڳي. پاڪستان جي بيوروڪريسي ۽ وفاقي وزير نااهل آهن. عمران خان وزير اعظم نه پر هن وقت به پارٽي چيئرمين وانگر ڪم پيو هلائي. نيب هٿان 12 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هن چيو ته  12 آڪٽوبر ڪارو ڏينهن آهي ان ڏينهن آمر جمهوريت حڪومت تي وار ڪيو عوام تبديلي رد ڪري ڇڏي آهي عوام کي نئون نه پر پراڻو پاڪستان گهرجي. سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو درست ناهي. هن چيو ته  ڏاڍ جي زور تي ڪيترو وقت حڪومت هلندي ٽائيگر فورس ڪهڙو ڪم ڪندي ان جي ان ڪا به خبر ناهي.

گوادر ۽ پسني وچ ۾مٽي جو طوفان، ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون

گوادر ( م ڊ )  گوادر ۽ پسني وچ ۾ مٽي گاڏڙ تيز هوائن ۽ واچوڙن سبب ٽرانسميشن لائن ٽرپ ٿي وئي ۽ گوادر کي بجلي جي  فراهمي معطل ٿي وئي،  مٽي واري طوفان سبب حد نگاهه سخت متاثر ٿي آهي، جڏهن ته مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي ٽريفڪ حادثا پيش آيا، ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان رسيو. جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

لياقت قائمخاني جي ضمانت درخواست تي ٻُڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)  سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي جي پارڪس سنڌ لياقت  قائمخاني جي ضمانت لاءِ داخل درخواست تي ٻُڌڻي اڻڄاتل تائين مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي طلب ڪري ورتو. گذريل ڏينهن جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي جي لياقت قائمخاني جي ضمانت لاءِ داخل درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي.

اجازت نه ملي، پي ڊي ايم جو جلسو هاڻي جي ٽي روڊ تي ٿيندو: خرم دستگير

گوجرانوالا ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن کي گوجرانوالا ۾ جلسي جي اجازت نه ملي، هاڻي جي ٽي روڊ تي جلسو ٿيندو. ذريعن موجب  ن ليگ جي مقامي قيادت جي دعويٰ آهي ته مقامي ضلعي انتظاميه پي ڊي ايم کي جناح اسٽيڊيم ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خرم دستگير مقامي انتظاميه پاران جلسي جي اجازت کان انڪار بعد چيو آهي ته هاڻي پي ڊي ايم جو جلسو جي ٽي روڊ تي ٿيندو.

ايراني نائب صدر پڻ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

تهران (م ڊ)  ايراني نائب صدر اسحاق جهانگيري ۽ منصوبه بندي ۽ بجٽ اداري جو سربراهه ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو. ايراني  خابرو اداري موجب ايراني صدر جي آفيس مان جاري ٽويٽر پيغام ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايران ۾ نائب صدر اسحاق جهانگيري ۽ منصوبه بندي  ۽ بجٽ اداري جو سربراهه محمد باقي جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. جنهن کان پوءِ کين قرنطينيه ڪيو ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن سندن علاج شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پ پ پاران 18 آڪٽوبر جي جلسي جون تياريون جاري

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيد جي ياد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي جي ڪاميابي لاءِ سرگرميون تيز ڪري  ڇڏيون آهن، پ پ اڳواڻن جون گڏجاڻيون ۽ جلسي واري جاءِ جو معائنو به ڪيو ويو آهي.ڪالهه پ پ جي صوبائي وزيرن خاص معاونن سيد ناصرحسين شاهه، سعيد غني، وقار مهدي، جاويد ناگوري، نجمي عالم، ۽ ٻين ڪراچي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار آڏو جناح گرائونڊ  پهچي جلسي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي صوبائي اڳواڻن کي جلسي جي تيارين جي حوالي سان بريفنگ به ڏني وئي.، هوڏانهن پ پ عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ پ پ ٺٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري، سعديه جاويد، هير سوهو، رخسانا شاهه، ۽ تيزيلا قنبراڻي شرڪت ڪئي.

ڊگهڙي ڀرسان ڪوچ جي ٽڪر ۾ واٽهڙو فوت

ڊگهڙي(ن ع آ ) ڊگهڙي ڀرسان ميرواھ گورچاڻي روڊ تي شمس ٽائون وٽ ڊگهڙي کان ميرپورخاص ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ  MIA 5141 جي روڊ ڪناري تان پنڌ ويندڙ جيلاني پاڙي ڊگهڙي جي رهواسي چاليھ ورهين جي محمد ولد پيربخش خاصخيلي کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڄاڻايل شخص ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو فوتي شخص جو لاش پوليس تعلقي اسپتال ڊگهڙي منتقل ڪرايو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪوچ ڊرائيور موقع جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺڻ بعد ٿاڻي تي ڪاهي آئي ذريعن موجب فوتي شخص جو ذهني توازن درست نه هو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،

گجو ڀرسان نوجوان ڪينال ۾ ٻڏي فوت

گجو(ن ع آ) گجي لڳ ڳوٺ علي محمد ڪاتيار سامهون قومي شاھراھ  ڀرسان زمين تي مٽيء جي ڀرائيء جو ڪم ڪندڙ ڊمپر  ڪلينر 24 سالن جو عزيزالرحمان  ولد عزيز پٺاڻ ڪي ٽو ڪئنال ۾ ھٿ منهن ڌوئڻ جي ڪوشش دوران اونھي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ،اطلاع تي گجو پوليس پھچي مقامي ٽوٻن جي مدد سان لاش ڪڍائي رورل ھيلٿ سينٽر گھارو کڻائي ويئي جتي ضروري ڪاروائيء بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، ٻڏي فوت ٿيل نوجوان ڪراچي جي علائقي سھراب ڳوٺ جو رھواسي ھو۔

ٽنڊو الهيار لڳ ٽرڪ جي ٽڪر ۾سوزوڪي ڊرائيور فوت

ٽنڊوالهيار( ڊ ر )  ميرواهه روڊ ميرپورخاص باٰءِ پاس روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ سوزوڪي  ڊرائيور 28 سالا پپو ڪڇي ڪولهي موقعي تي فوت ٿي ويو اي سيڪشن پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش پاڪ سنگهار لڳ ڳوٺ منظور پلهه پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

ڏوڪريءَ  ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪريءَ  ۾سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ڪامريڊ گلاب پيرزادو، ڪميونسٽ آف پاڪستان جي صوبائي سيڪريٽري اقبال احمد، ڪامريڊ ڏامرومل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙن چيو ته وفاق طرفان سنڌ، بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي خواهش کي ڪنھن به صورت پورو ٿيڻ نه ڏينداسين۔.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.