قائداعظم جي هدايتن تي عمل ٿئي ها ته نه ڍاڪا سانحو ٿئي ها نه 12 آڪٽوبر بغاوت! نواز شريف

لاهور ( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي باني جي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي ها ته نه ڍاڪا سانحو ٿئي ها نه 12 آڪٽوبر جي بغاوت! پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نواز شريف چيو ته فوج جي سياست  ۾ ڪردار بابت  قائد اعظم جي هدايتن تي عمل ٿئي ها ته اوڀر پاڪستان ڌار نه ٿئي ها. نواز شريف قائداعظم  جو قول دهرائيندي لکيو ته ملڪ جو باني چئي چڪو آهي ته هٿياربند فوج عوام جي خادم آهي، قومي پاليسي ساز ناهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته باني جي هدايت تي عمل ٿئي ها ته چونڊيل وزيراعظم کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پي ايم هائوس فتح نه ڪيو وڃي ها. ملڪ جو باني چئي چڪو هو ته هٿياربند فوج عوام جي خادم آهي. قومي پاليسي ساز ناهي. اڳوڻو وزيراعظم قول ورجائيندي چيو ته قومي پاليسي ٺاهڻ سولين ادارن جو آهي. فوج جو ڪم حوالي ڪيل ذميواري پوري ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان لاءِ چئون ٿا ته ووٽ کي عزت ڏيو. اڳوڻي وزيراعظم ٽوئيٽ تي 12 آڪٽوبر جي تصوير به شيئر ڪئي جنهن ۾ هٿياربند فوج پي ٽي وي جون ڀتيون ٽپي  رهي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.