حيدرآباد: نوجوان پورهيت تي دڪاندارن جي تشدد خلاف مظاهرو ،ڌرڻو

حيدرآباد: سبزي مارڪيٽ ۾ نوجوان پورهيت تي دڪاندارن جي وحشياڻي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، کٿڙ واسي پورهيت چنيسر پٽ خدابخش ملاح ٽماٽن جي پيتي کڻي وڃي رهيو هو ته معمولي ڳالهه تان مڇرجي دڪاندارن پاران مٿس تشدد ڪيو ويو، پورهيت جي حالت خراب ٿيڻ بعد پوليس کيس علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف سبزي مارڪيٽ جا پورهيت سراپا احتجاج بڻجي ويا ، مک روڊ تي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ٿي وئي ، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته تشدد ڪندڙ دڪاندارن کي گرفتار ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.