نجڪاري واري معاملي تي شازيه مري ۽ عمر ايوب ۾ ڏند چڪ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شازيا مري جي نجڪاري بابت سوال تي توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب سنڌ حڪومت تي الزام هڻي ڇڏيو.

قومي اسيمبلي جي  توانائي واري اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چوڌري سالڪ حسين جي صدارت هيٺ ٿيو.

اسٽيڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير ۽ شازيه مري ۾ تلخ ڪلامي ٿي، شازيا مري چيو ته ٻڌايو وڃي بجلي جي ورڇ وارين ڪمپنين جي نجڪاري جو ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري جو جلدبازي ۾ ڪيل فيصلو اسان جي سامهون آهي، ڇا بجلي جي ورڇ وارين ڪمپنين جي نجڪاري سان عوام کي فائدو ٿيندو؟

هن چيو ته عوام بجلي جي بلن ۽ مهانگائي تي روئي رهيو آهي، ٻوڏ صورتحال ۾ حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صورتحال ڏٺي هوندي، اسان ڪنهن سياسي پارٽي جي نه پر عوامي تڪليف جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.

ان دوران وفاقي وزير عمر ايوب شازيا مري کي چيو ته ڪراس ٽاڪ نه ڪيو.

جنهن تي شازيه مري جو چوڻ هو ته ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ آئون حيسڪو جي علائقي ۾ هيس، ان تي وفاقي وزير چيو ته پاڻي ڪنهن کي ڪڍڻو هو؟ شازيا مري چيو ته اسان کي ٽرانسفارمر نه ڏنا ويا.

وفاقي وزير عمر ايوب جواب ڏنو ته سنڌ حڪومت ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو هو، ان تي پ پ اسيمبلي ميمبر چيو ته توهان سنڌ حڪومت تي الزام هڻو باقي حيسڪو کي ٺيڪ نه ڪيو.

ان تي به عمر ايوب جواب ڏنو ته سنڌ مان پاڻي ڪڍڻ جي بدران پيسا کاڌا ويا.

ٻئي پاسي اسٽيڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جو ٽيرف ملڪ جي ٻين حصن جي برابر ڪيو ويو آهي.

اختيارين جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ٽيرف 1.09 رپين مان 2.89 رپيا في يونٽ تائين وڌايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.