ڪراچي: پ پ شهيد ڀٽو پاران  ٻيٽن تي قبضي خلاف سچل ڳوٺ ۾ ريلي

ڪراچي ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن  پاران  ٻيٽن تي قبضي خلاف سچل ڳوٺ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾  پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن حاجي بگن خاصخيلي،ڪامريڊ سليم راجپوت، چاچو نظير لاشاري ،۽ ٻين  شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ٻيٽن بابت سنڌ حڪومت جي ٻٽي پاليسي کي به برداشت نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته  اسان وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جو ٻچو ٻچو ڪراچي سميت سنڌ جي ٻيٽن جي حفاظت ۽ مزاحمت لاء تيار آهي

رپورٽ- شفقت نوناري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.