سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، ٽي ٽي پي ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن جا دهشتگرد گرفتار

 ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ (سي ٽي ڊي) گارڊن ٻن مختلف ڪارروائين ۾ ٽي ٽي پي بنون گوپ جو دهشتگرد ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو.

 ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ اختياري موجب سي ٽي ڊي گارڊن ڪورنگي ۾ ڪارروائي ڪندي دهشتگرد منهاج الدين کي گرفتار ڪري ورتو. دهشتگردن جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان بنون گروپ سان آهي.

اختيارين اختيارين جو ٻڌائڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد بم ۽ پلانٽ بڻائڻ جو ماهر آهي ۽ پرڏيهه فرار ٿيڻ کان اڳ ڪراچي ۾ موجود هو.

سي ٽي ڊي اختيارين جو اِهو به چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل دهشتگرد مئي 2020ع ۾ امن جرگي جي ميمبر فاروق کي پنهنجي ڳوٺ جاني خيل بنون ۾ ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو جڏهن ته جرڳي دوران ٻئي ميمبر عليم ۽ عبدالله قتل ڪرڻ لاءِ ريموٽ ڪنٽرول بم لڳايو هو.

ٻئي پاسي سي ٽي ڊي گارڊن هڪ ٻي ڪارروائي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر لال بادشاهه کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٽارگيٽ ڪلر رئيس ماما جو ويجهو ساٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.