لاڙڪاڻي ۾ شهرين جو پوليس اهلڪار خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي غازي عباس ڪالوني جي رهواسين پاران بااثر پوليس اهلڪار ۽ ان جي مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت حبدار علي عمراڻي پنهنجي پيرسن امڙ رحمت خاتون، ڌيءُ گلناز ۽ نوجوان پٽ رشيد علي عمراڻيءَ سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي گهر ۾ بجليءَ جو ميٽر لڳل نه آهي، آءُ پورهيو ڪندو آهي ڪجهه ڏينهن اڳ سيپڪو عملي مون کي ميٽر لڳائي ڏيڻ جو چئي 4 هزار رپيا وٺي محلي جي ٽرانسفارمر مان ڪنڊي جي ذريعي ڪنيڪشن لڳائي ڏنو. هن الزام لڳائيندي چيو ته گذريل جمعي واري ڏينهن پاڙي ۾ رهندڙ وليد ٿاڻي جي ننڍي منشي غلام مصطفيٰ شيخ اسان جي ڪنڊي ڪنيڪشن تي اعتراض ڪندي 3 هزار رپيا ماهوار ڀتو گهريو، جنهن کان انڪار تي هن پنهنجي ڀاءُ مختيار ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي اسان کي گٿا لفظ ڳالهايا ۽ بجليءَ جي تار ڪٽڻ جون ڌمڪيون، جنهن معاملي تان اسان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، وليد ٿاڻي جي پوليس پنهنجي پٽي ڀائيءَ جي ونگار وهندي مون سميت منهنجي 16 سالن جي نوجوان پٽ رشيد عمراڻيءَ کي گهر مان کنڀي وليد ٿاڻي جي لاڪپ ۾ قيد ڪيو، جتي اسان ٻنهي پيءُ پٽ پٿان 24 ڪلاڪن تائين تشدد ڪيو ويو بعد ۾ اسان کي ننڍي منشيءَ جي در تي ميڙ ڪري معافي وٺڻ جو چئي آزاد ڪيو ويو جڏهن ته پوليس اهلڪار غلام مصطفيٰ ۽ سندس ڀاءُ مختيار ڏي ميڙ وٺي وياسين پر ان باوجود بااثرن گذريل ڇنڇر ڏينهن شام جو هٿيار ۽ لٺيون کڻي گهر ۾ زبردستي گهڙي  اسان کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو اهڙي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ وليد ٿاڻي تي وياسين پر پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ بجاءَ ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو هينئر بااثر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر پوليس اهلڪار ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.