دادو پوليس کاتي ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي لتاڙ

دادو (رپورٽ: عزيز احمد ملڪ)دادو ۾ عوام کي انصاف ۽ تحفظ ڏيڻ جي دعويدار  پوليس کاتي ۾ دادو ضلعي اندر قانون جي لتاڙ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آھن. پوليس کاتي دادو پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي جون ڌچيون اڏائي ڇڏيون آھن جنھن ته 39 ٿاڻن مان 15 ٿاڻن تي هوم ڊسٽرڪٽ جا ايس ايڇ اوز مقرر هئڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ذريعن مان وڌيڪ معلوم ٿيو آھي. ان معاملي جي اعليٰ اختيارين کي پڻ ڄاڻ آھي پر پوءِ به سياسي آشرواد تي هوم ڊسٽرڪٽ جا آفيسر ايس ايڇ او مقرر ٿيل آھن جڏهن ته ٿاڻن تي مقرر ٿيل هوم ڊسٽرڪٽ ۾ سي آءِ اي ضلعي دادو جو انچارج سب انسپيڪٽر، سي آءِ اي ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ، ايس ايڇ او جهلو، وومين ۽ چائلڊ پروٽيڪشن سيل انچارج، اي ايس آءِ ايس ايڇ او ڦلجي، اي ايس آءِ، ايس ايڇ او شاهه حسڻ، ايس ايڇ او ميهڙ، ايس ايڇ او جوهي، ايس ايڇ او خدآباد شامل آھن. پوليس ذريعن مان انڪشاف ٿيو آھي ته شھرين جي شڪايتن تي ڊي آءِ جي حيدرآباد سي آءِ اي انچارج دادو کي هٽائي حيدرآباد رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر ڀوتارن جي سفارش تي ان جي بدلي رڪجي وئي. ان جي باوجود به دادو ۾ وڌندڙ ڪرائيم جو ذميوار دادو جي سياسي سماجي تنظيمن پاران هم ڊسٽرڪٽ جي ايس ايڇ او کي قرار ڏنو ويو آھي شهرين جو چوڻ آھي ته سياسي آشرواد تي مقرر ٿيل هوم ڊسٽرڪٽ جا ايس ايڇ او بدامني روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھن جن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.