عالمن کي تحفظ ڏيو: شڪارپور ۾ جي يو آءِ جو اجلاس

شڪارپور ( ڊ ر ) جي يو آءِ  ضلع شڪارپور جي مجلس شورا جو ھڪ اھم اجلاس جامعه دارلعلوم شڪارپور ۾ ضلعي امير مولانا عبدالله پھوڙ جي صدارت ھيٺ ٿي گزريو ، جن ھن ۾ مولانا عبدالباري شيخ ، مولانا عبدالله مھر ، قاري مجيب الرحمان مدني ، احمد علي بکراڻي ،  مولانا تاج محمد مھر ، پير سيد رشدالله شاھ ، حافظ رفيق احمد شر ، مولانا محمد طيب ميکو ، مولانا محمد طاھر سھنڌڙو ، مولانا شمس الدين بروھي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، اجلاس ۾  جامعه فاروقيه ڪراچي جي مھتمم مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي شھادت ڪجه عرصي کان ملڪ اندر لڳايل لساني قومي مسلڪي بنيادن تي باھ جو نتيجو قرار ڏنو ويو، ضلعي اڳواڻن چيو ته علماءِ ڪرام کي رستي وينڌي فائرنڱ ڪري شھيد ڪرڻ موجوده حڪومت جي مڪمل ناڪامي جو چٽو ثبوت آھي ، حڪومت علماءڪرام جي تحفظ کي يقيني بڻائي قاتلن کي في الفور گرفتار ڪري قوم سامھون سازش کي بينقاب ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.