باڊهه ۾ شهرين جو تعلقي جي درجي لاءِ احتجاج

باڊهه (ن ع آ) باڊهه واسي نه ٿڪيا نه جهڪيا، باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ باڊهه تعلقه موومينٽ جي جدجهد کي 15 مهينن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو، پر باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو، چونڊيل نمائندا پنهنجا واعدا وساري ويٺا، موومينٽ جي سڏ تي هر آچر تي ٿيندڙ احتجاج جي سلسلي ۾ 68 هين هفتي تي به ڊپٽي ڪنوينر زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ بوٿرو چؤڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ باڊهه جي مختلف سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي، ڪاروباري ۽ صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن عزيز بروهي، اصغر نوناري، انور عسڪري، منور نوناري، دودو ديشي، حاجي سڪندر علي ڪانڌڙو، الهرکيو ڪانڌڙو، خان محمد گوپانگ، نور محمد بليدي، نور احمد هيسباڻي، نظام ڪولاچي، نور احمد زهري، جمال خاصخيلي، ذوالفقار ڪانڌڙو، علي رضا نوناري، طاهر نور هيسباڻي، محمد هاشم مدني سومرو، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، الهيار چانڊيو، فقير فياض ڪانڌڙو، حيدر ڪولاچي، غلام شبير ڪانڌڙو، صفر مغيري، اقبال ڪانڌڙو، عالم بروهي، فدا حسين تنيو، شاهد شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪري باڊهه تعلقي جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. . ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ باڊهه جي مختلف تنظيمن پاران جوڙيل باڊهه تعلقه موومينٽ جي سڏ تي گذريل 15 مهينن کان جدوجهد هلي رهي آهي ۽ مسلسل احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، پر حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن. هنن چيو ته گذريل 12 سالن کان وٺي اقتدار ۾ ويٺل حڪومت جي نمائندن باڊهه جي عوام سان گذريل ٻن اليڪشن مهمن دؤران هتان جي عوام سان اهو واعدو ڪري ووٽ ورتو هو ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائينداسين، پر ايوانن ۾ پهچڻ کانپوءِ اهي سڀ واعدا وساريا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.