ٽنڊو مير علي جي پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ، احتجاج

ٽنڊو مير علي ( ن ع آ ) ٽنڊوميرعلي ڀرسان  ڳوٺ دين پور جي 1955 کان قائم ڪيل بوائزپرائمري اسڪول جي 76 سالن کان عمارت نه هئڻ ڪري  اسڪول ڪيترن ئي سالن کان وٺي زبون بڻيل، جڏهن ته اسڪول ۾ لڳ ڀڳ 150 کان مٿي شاگرد۽ شاگردياڻيون  پڻ تعليم پرائي رهيا آهن، اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري پرائمري اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙن جي والدين حاجي محمد هاشم، علي شير،   نصير احمد، مومن علي، محمد بادل، شاهد حسين، تاج محمد ملاح  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ نه فرنيچر ، نلڪو نه ئي چوديواري آهي،  بلڊنگ نه هئڻ سان گڏوگڏ  ڪابه سهولت موجود ناهي آهي، اسان ننڍڙن معصوم ٻارن کي تعليم ڏياريون ته آخر ڪيئن ڏياريون ايتري قدر جو اسڪول ۾  مٺي پاڻي  جي سهولت ۽ باٿ روم به ناهي هن وڏي وزير ۽ تعليم واري صوبائي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.