شهدادڪوٽ ڀرسان حادثي ۾هڪ ڄڻو فوت،2 ڄڻا زخمي

شھدادڪوٽ  ( ن ع آ ) درگاهه حاڪم شاهه ڀرسان تيز رفتار موٽرسائيڪل جو گڏھ گاڏي کي ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ 43  سالن جو پيارو تماچي ڀيل موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏنھن  2 ڄڻا ھر ھڪ عبدالرزاق تماچي ڀيل ۽ اقبال تماچي ڀيل سخت زخمي ٿي پيا حادثي جو اطلاع ملڻ تي بھرام پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال شھدادڪوٽ  پھچايو جتي ٻنهي زخمين کي اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرن فرسٽ  ايڊ ڏيڻ بعد زخمين جي حالت نازڪ ھجڻ  ڪري ٻنهي زخمين کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي جڏنھن  ته فوت ٿي ويل پيارو تماچي ڀيل جو لاش تعلقي اسپتال ۾ پيل آهي ھوڏانھن  اطلاع ملڻ تي فوتي ۽ زخمين جا وارث قمبر مان شھدادڪوٽ لاء روانا ٿي ويا . تعلقي اسپتال ۾ موجود  بھرام پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته فوتي ۽ زخمي قمبر جا رھواسي آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.