ڳڙهي ياسين ۾ مهانگائي چوٽ، مسڪين بکون ڪاٽڻ تي مجبور

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ ) ڳڙهي ياسين شھر ۾ وڌندڙ مهنگائي غريب شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون ، سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ، وڌندڙ مهانگائي جي چڪي ۾ غريب ماڻهون اٽي  جيان پيسجي رهيا آهن ، عوام جي دانهن ۽ ڪوڪن ڪرڻ جي باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿي سگھيو آھي ، جنهن جي ڪري سندن جا ٻچا فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ، ايتري قدر جو وفاقي حڪومت پاران بار بار تيل گيس ، بجلي ۽ دوائن جا اگھ وڌائڻ کانپوءِ وڏن واپارين ۽ ڪارخاني مالڪن ملي ڀڳت ڪري هٿ ٺوڪيا ريٽ مقرر ڪري روز مرھ جي شين جا اگھ آسمان سان لڳائي ڇڏيا آهن ، جيڪي غريب ماڻهن جي پهچ کان مٿي آهن ۽ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن ، مهنگائي ايتري قدر وڌيل آھي جو هن وقت ڳڙهي ياسين ۽ ڀرپاسي جي شهرن ۾ ڪڻڪ جو اٽو 65 کان 70 روپيا ڪلو ، پڪوان آئل 220 ،  کنڊ95 کان100 روپيه ، کير 100 کان 120 روپيا وڪامڻ لڳو ، ننڍو گوشت 1200 روپيا ، وڏو گوشت 400، مرغي 280 ،  مڇي 350 کان 500 روپيه ، ٽماٽا 130 ، بصر 80 ، داليون 250 کان 300 روپيه تائين في ڪلو وڪرو ٿي رهيون آهن ، هوڏانهن مرغي فروشن پنھنجي من مستي ڪندي بغير لسٽ جي مرغي جو گوست وڪرو ڪري رھيا آھن، شهرين مطالبو ڪندي چيو  ته مهانگائي تي فوري طور ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي خودڪشين کان بچائي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي .

سکر ۾ مهانگائي خلاف ڀاڄيون کڻي احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر شھري اتحاد پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف قريشي ڳوٺ روڊ تي ڀاڄيون ۽ ميوا هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو  ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي چيئرمين مولانا عبيدالله ابن آزاد  ڀٽو۔حبيب الله انصاري ۽ٻين جو چوڻ ھو ته موجوده وفاقي حڪومت جي اچڻ شرط ئي مهانگائي ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آھي واهپي ۽ روزانو استعمال ۾ ايندڙ سامان جون قيمتو آسمان سان ڳالهائن پيون غريب ماڻھو ته بصر۔اٽو۔چانور۔دال۔پٽاٽا ۽ سبزيون به خريدڻ کان لاچار بڻجي ويو آھي جڏهن ته حڪومت هر مهيني بجلي۔پيٽرول مصنوعات ۔گيس۔جي قيمت ۾ واڌ ڪري غريبن کي ته جيئڻ لائق ئي ناهي  ڇڏيو غريب  پورهيت ته گوشت۔مڇي۔ ڪڪڙ۔ سبزيون ۽  ميوا کائڻ لااء صرف خواب ئي ڏسي سگهيٿو عوام مهانگائي خلاف سراپا احتجاج آھي پر حڪمرانن تي عوام جي پڪار جو ڪوبه اثر نه ٿو پوي اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان  کي اپيل ڪئي آھي ته وڌندڙ مهانگائي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي حڪومت کي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جو پابند بڻائڻ سان گڏ قيمتن ۾  گھٽتائي ڪرائي عوام کي انصاف ڏنو وڃي.

نيوسعيد آباد ۾ مهانگائي، روزاني استعمال جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا

نيوسعيدآباد (رپورٽ: مشتاق راهو) نيوسعيدآباد ۾ مھانگائي جو راڪاس- دڪاندارن- ڀاڄي جو ڪاروبارڪندڙ واپارين سوڌو روزاني جي شين جو وڪرو ڪندڙ منافعا خورن ھٿ رادو اگھه مقرر ڪري ڇڏيا جنھن سبب  وچولي ۽ پورھيت طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھو سخت پريشاني واري ڪيفيت ۾ وٺجي ويا آھن پر خبر ھجڻ باوجود انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آھي جنھن سبب منافعاخور دڪاندار-واپاري ٻنھي ھٿن سان ماڻھن کي ڦري رھيا آھن.نيوسعيدآبادشھر، پراڻي سعيدآباد، بکرجمالي، امين لاکو ۽ ٻين اھم ڪاروباري مرڪزن ۾ اٽو 80رپيا، کنڊ 95رپيا، دال 180رپيا، گيھه 200 رپيا، ڀينڊيون 80 رپيا، ٽماٽا180رپيا، بصر80رپيا، توريون 120 رپيا، ڪدو 80 رپيا، کير 120رپيا في ڪلو جي حساب سان روزاني جون شيون وڪرو ٿي رھيون آھن. مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ ۽ انتظاميا طرفان واپارين کي اگهھ واريون لسٽون نه ڏيڻ سبب واپاري منھنجا من پسند اگھه مقرر ڪري شھرين توڙي پورھيت طبقي جي ماڻھن کي سرعام ڦري رھيا آھن.

ڀٽائي آباد ۽ ڀرپاسي مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، پورهيت طبقو ويلي لاءِ پريشان

گلشن اقبال (ن ع آ) ڪراچي جي سنڌي وسندي ڀٽائي آباد ۽ ڀرپاسي هٿرادو مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب، اٽو 70 رپيا في ڪلو، آنا درزن 210 رپيا، ڪير 120 رپيا ڪلو  ۽ پڪوان تيل 220 رپيا ڪلوسميت روزاني استعمال جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.