ڄامشورو ۾ڪوڙي ڪيس ۾ ٻه ڀائر گرفتار، سماجي اڳواڻ جو عورتن سميت مظاهرو

ڄامشورو ( ڊ  ر) بسم الله سينٽر ڄامشورو  جو رھواسي سماجي اڳواڻ مولانا عابد علي ڪانڌڙو پنھنجن ٻارڙن عورتن مٽن مائٽن سان گڏجي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪندي ۽  چيو  آھي تـ ھڪ ھفتو اڳ اسان جي پاڙيسري مرتضي’ کوسو جي گھران چوري ٿي وئي ھئي ان اسان تي ڪوڙو الزم ھڻي پٽ صلاح الدين ڪانڌڙو کي پوليس کان گرفتار ڪرائي تشدد ڪرايو، ۽ چيو ته چوري قبول ڪر اسان توکي آزاد ڪيون ٿا پر منھنجي پٽ پوليس کي چيو مان چوري نـ ڪئي آھي تـ قبولداري ڪھڙي ڪيان بعد ۾ وحشاڻو تشدد ڪري بيھوشي جي حالت ۾ منھنجو پٽ صلاح الدين ڪانڌڙو پوليس منھنجي حوالي ڪيو مان اھڙي دانھن ايس ايس پي ڄامشورو وٽ کڻي ويس بعد ۾ جاچ  لاءِ ڊي ايس پي وٽ ڇوڪري کي وٺي وڃي پوليس جو ڪيل تشدد ڏيکاريو ان جاچ  شروع ڪئي تـ  ايس ايڇ او ڄامشورو اسد پرھياڙ مڇرجي پيو ان ۽ مرتضي’ کوسو رشوت عيوض اسان مٿان ڄامشورو ٿاڻي تـ ڪوڙو ڦر ۽ ڀتي جو ڪيس داخل ڪري مون کي ۽ منھنجي ٻن پٽن صلاح الدين ڪانڌڙو ضياالدين کي ياسر ھوٽل تي گھرائي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڪيس داخل ڪيو آھي، ھنن ايس ايس پي ڄامشورو، سيشن جج ڄامشورو ۽ وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.