نوازشريف کان علاوه باقي اڳواڻن جا نالا غداري ڪيس مان خارج

لاهور(بيورو+م ڊ)  پوليس لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) جي قيادت خلاف بغاوت جي ڪيس ۾ نواز شريف کانسواءِ باقي ٻين سمورن جا نالا ڪڍي ڇڏيا.پوليس اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مريم نواز،  خواجه آصف، احسن اقبال، رانا ثناء الله،ليفٽيننٽ جنرل عبدالقيوم،، ليفٽيننٽ جنرل رٽائر صلاح الدين ترمذي ۽ ٻين اڳواڻن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.انويسٽيگيشن لاهور جي ترجمان موجب ڪيس جي جاچ قانون، شاهدن ۽ انصاف سان ڪئي ويندي، بي بي سي موجب نوازشريف خالف ڪيس ۾ تعزيرات پاڪستان جي شق  اي 121 ت پ، اي 123 ت پ، 124 ت پ ۽ اي 153 خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته انهن شقن جو تعلق رياست خالف ڏوهن يا بغاوت وغيره جي زمري ۾ آهي، اهڙن ڏوهن ۾ ڪنهن عام شهري جي درخواست تي رياست جي اجازت کان بغير ايف آءِ آر داخل نٿي ٿي سگهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.