لطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي جنسي هراسان ڪرڻ جو واقعو

سکر(رپورٽر) ڀٽائي گھوٽ جي نالي سان منسوب شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ فزڪس ڊپارٽمينٽ جي ٽيچنگ اسسٽنٽ اسد سومرو  پاران مبينا طور شاگردياڻيءَ کي جنسي حراسان ڪرڻ واري واٽس اپ تي ڪيل مبينا طور ڳالهه ٻولهه جا اسڪرين شارٽ سامھون سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويا آھن، سالو وائنز نالي فيس بوڪ اڪائونٽ تي اِھو الزام مڙھيو ويو آھي ته فزڪس ڊپارٽمينٽ جي ٽيچنگ اسسٽنٽن پاران ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻين کي مارڪن عيوض دوستي رکڻ جي آڇ ڪئي آھي، جنھن جا فيس بوڪ تي اسڪرين شاٽ به رکيا ويا آھن، ڄاڻايل آءِ ڊي تي اھو پڻ الزام مڙھيو ويو آھي ته متاثر شاگردياڻي کي ڌمڪايو ويو آھي، تنھن ڪري ھو انتظامياسامھون اچڻ کان ڊڄي وئي آھي، پر ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڏانھن درخواست اماڻي وئي آھي ڇو جو ھي ھڪ ڇوڪري جو نه پر ھزارين ڇوڪرين جو مسئلو آھي، ھوڏانھن اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي شاھ عبداللطيف فزڪس ڊپارٽمينٽ جي ڊين ڊاڪٽر فرمان منگي جو چوڻ آھي ته ٽيچنگ اسسٽنٽ اسد سومرو بااخلاق آھي، جنھن جي شاھدي ڊپارٽمينٽ ۽ سندس شاگرد توڙي شاگردياڻيون به ڏيڻ لاءِ تيار آھن، سوشل ميڊيا جي تي رکيل اسڪرين شارٽ واري پوسٽ بي بنياد ۽ ھٿرادو آھي، جنھن سان يونيورسٽي ۽ استادن جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل ٽيچنگ اسسٽنٽ اسد سومرو پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين سان رابطو ڪري کيس ٻڌايو آھي ته مٿس لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناھي، ھو اھڙي عمل خلاف ايف آءِ اي ۾ درخواست داخل ڪرائيندو، ٻئي طرف سالو وائنز نالي فيس بوڪ اڪائونٽ تي اِھو الزام مڙھيو ويو آھي ته فزڪس ڊپارٽمينٽ جي ٽيچنگ اسسٽنٽن پاران ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻين کي مارڪن عيوض دوستي رکڻ جي آڇ ڪئي آھي، جنھن جا فيس بوڪ تي اسڪرين شاٽ به رکيا ويا آھن، ڄاڻايل آءِ ڊي تي اھو پڻ الزام مڙھيو ويو آھي ته متاثر شاگردياڻي کي ڌمڪايو ويو آھي، تنھن ڪري ھو انتظامياسامھون اچڻ کان ڊڄي وئي آھي، پر ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڏانھن درخواست اماڻي وئي آھي ڇو جو ھي ھڪ ڇوڪري جو نه پر ھزارين ڇوڪرين جو مسئلو آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.