ڪراچي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن واپس

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ مولانا عادل جي قتل کانپوءِ شهر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي  وئي آهي. سنڌ سرڪار ڪراچي ۾هڪ مهيني تائين ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي ڇڏي، گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ صحافي ۽ بزرگ شهري ٻيلهه سواري تي پابندي کان آجا قرار، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تازو ڪريڪر حملن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ مذهبي عالمن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا پيش آيا آهن، شهر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي. هوڏانهن سنڌ جي گهرو کاتي ٻيله سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڪراچي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هنئي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.