ميرپور ماٿيلو ويجهو اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي سان ڏاڍائي

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ محمد عالم چانڊيو ۾ اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي کي 14 ورھين جي ناري  زيبا ڌي محمد حسين سميجو  کي ڏاڍائي جو نشانو بنايو ويو. ناري جي پيءُ جي فرياد تي خالد سيال سندس ٻن ساٿين نواز سيال ۽ ھڪ اڻڄاتل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس هڪ ڄڻي خالد سيال کي گرفتار ڪري ورتو، فريادي چيو ته ھڪ ھفتو اڳ رات جو ديرسان منھنجي ڌي کي ڄاڻايل جوابدار زبردستي پسٽل ڏيکاري گھران اغوا ڪري کڻي وونئڻن جي فصل ۾ ھن سان زبردستي ڏاڍائي ڪئي آھي، جوابدار فرار ٿي ويو.ھوڏانھن ميرپورماٿيلو پوليس مک جوابدار خالد سيال کي گرفتار ڪري ورتو آھي،  رابطو ڪرڻ تي ميرپورماٿيلو پوليس ٻڌايو ته ناري جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڏاڍائي جي تصديق ٿي چڪي آھي،مک جوابدار خالد سيال کي گرفتار ڪيو ويو آھي، وڌيڪ پوليس جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.