افغان پناهگير انساني سمگلنگ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف

 

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي نوشهرا ۾ انساني سمگلنگ ۾ ملوث چئن افغان پناهگيرن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر نوشهرا نجم الحسنين موجب ڏيڍ مهينو اڳ 10 ٻارن افغانستان مان اغوا ڪري چمن رستي ڪوئيٽا ۽ اتان ٽرين ذريعي نوشهرا آندو ويو هو، ٻارن جي عمر 8 کان 11 سالن جي وچ ۾ آهي.

ڊي پي او ٻڌايو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نوٽيس تي 28 سيپٽمبر تي سڀني ٻارن کي مدرسي مان تحويل ۾ ورتو ويو هو ۽ 4 جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.

ٻارن ۽ گرفتار چئني جوابدارن کي 9 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ٻارن بيان ڏنو ته کين افغانستان مان اغوا ڪري پاڪستان آندو ويو آهي.

عدالت جوابدارن کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سڀني ٻارن کي افغان سفارتخاني جي سيڪنڊ سيڪريٽري حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.