ڪوهاٽ ۾ مخالفن جي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا قتل

 

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ ۾ هٿياربندن مخالفن جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب ڪوهاٽ ۾ گمبٽ جي علائقي ناڪ بند ۾ گاڏي تي فائرنگ سان گاڏي ۾ سوار 4 ڄڻا ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ مارجي ويلن جا مڙهه گمبٽ جي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

پوليس جي شروعاتي جاچ موجب واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.