اٺين درجي جي شاگردياڻيءَ سان اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ

 

بهاولنگر (ويب ڊيسڪ) حافظ آباد ۾ اٺين درجي جي شاگردياڻي کي گهران اغوا ڪري اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.

بهاولنگر جي ٿاڻي تخت محل جي حدن حافظ آباد واري علائقي ۾ ٻن جوابدارن 15 ورهين جي ڇوڪريءَ کي گهران اغوا ڪرڻ کانپوءِ لڄالٽ جو نشانو بڻايو.

پوليس اسٽيشن تي داخل ڪرايل رپورٽ موجب اغوا جي وقت ڇوڪري گهر ۾ اڪيلي هئي، جوابدارن فياض ۽ شاهد کيس اغوا ڪري ويجهين ٻنين ۾ کڻي ويا، جتي ڇوڪري کي هوس جو نشانو بڻايو ويو.

پوليس چيو آهي ته متاثر ڇوڪري اٺين درجي جي شاگردياڻي آهي، ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن مان هڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.