سکر ۾ رولو ڪتن جو آزار، شهري پريشان

سکر( رپورٽر) سکر انتظاميا جي لاپرواهي سبب پارڪن ۾ رولو ڪتا گھمڻ لڳا، واڪ ڪندڙن کي مشڪلاتون، انتظاميا پاران رولو ڪتن کي ڪڍڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا، خبرموجب سکر شهر ۾ قائم پارڪن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. شهر جي لب مهراڻ پارڪ، واڪنگ ٽريڪ، قاسم پارڪ، لطيف پارڪ سميت مختلف پارڪن ۾ رولو ڪتا هجڻ سبب پارڪن ۾ گھمڻ ويندڙ توڙي واڪ لاءِ ويندڙ ماڻهن کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن،ان ڏس ۾ شهرين احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته ميونسپل انتظاميا سکر جي نااهلي سبب شهر جي سمورن پارڪن ۾ ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، واڪ ڪندڙن جي ماڻهن پويان رولو ڪتا ڪڍي لڳي پون ٿا، ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي پڻ وڌو آهي، انتظاميا کي شڪايت ڪرڻ باوجود رولو ڪتن کي ماريو نه پيو وڃي ۽ نه ئي پارڪن ۾ ايندڙ رولو ڪتن کي روڪيو ٿيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر جي پارڪن ۾ رولو ڪتن جو آزار ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.