اوٿل ۾ ٻه واٽرسپلاءِ اسڪيمون سولر انرجي ۾ تبديل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) اين آر ايس پي ۽ يونيسيف جي سهڪار سان اوٿل شهر جي ٻن واٽرسپلاءِ اسڪيمن کي سولر انرجي ۾ تبديل ڪيو ويو، ٻنهي اسڪيمن جو ڊي سي لسٻيله حسن وقار چيما افتتاح ڪيو، ان موقعي تي حسن وقار چيما چيو ته سخت گرمين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت ضرورت هوندي آهي، بجلي بحران سبب ماڻهن کي پاڻي فراهمي ممڪن نه ٿي رهي هئي، هن چيو ته پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي، بلوچستان حڪومت عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي، وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي ڪوشش آهي ته پاڻي جي کوٽ نه ٿئي، ان موقعي تي سردار شيخ غلام اڪبر، سردار عبدالرشيد پهورائي، سردار امام بخش مانڊڙه، غلام محمد عرف گلو ڄاموٽ، ڊاڪٽر عبدالحڪيم لاسي، پي ايس اعجاز علي، ظفر علي ڄاموٽ، سليم الله ڄاموٽ، سب انجنيئر محمد رمضان ابڙو، ڪامريڊ ولي ڄاموٽ، رستم شاهوڪ ۽ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.