مانجهند لڳ ليڊي هيلٿ ورڪر جو مڙس سميت احتجاج

مانجهند  ( ن ع آ ) مانجهند  ڳوٺ اميد علي برهماڻي جي رهواسڻ ليڊي هيلٿ ورڪر  لعل خاتون برهماڻي سندس  مڙس محمد اسماعيل برهماڻي ظھير برهماڻي مانجهند ۾   ڏيرن جي پٽن  خلاف سخت احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ت جوابدارن اسحاق برهماڻي مور برهماڻي ذوالفقار برهماڻي هيلٿ ورڪر جي ڊيوٽي ڪرڻ ۽  پوليو پيارڻ تان وڏي عرصي کان  منع ڪندي گهر ۾ داخل ٿي مارڪٽ ۽ ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا پر مڙس جي بيمار هئڻ ۽ ٻچڙن جي روزي خاطر پابندي سان ڊيوٽي ڪندي رهي جنهن ۾ گذريل ڏينهن فيلڊ ۾ پوليو پيارڻ جي لاءِتيار ٿيس ته  جوابدارن شراب ۾ ڌت ٿي لٺيون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ڇڏرائڻ لاء آيل مڙس کي به تشدد ڪري زخمي ڪيو ويو  جنهن جي اين سي رپورٽ مانجهند ٿاڻي تي ڪرائي پر پوليس  بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا تيار ناهي جنهن سبب  خوف ۾ سندس فيلڊ جي پوليو مهم بند ڪري ڇڏي آھي هنن ايس ايس پي ڄامشورو  کان مطالبو ڪيو ت جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.