اڏيري لعل ۾ شهرين جو بلڊر مافيا ۽ سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

اڏيرولعل وليج/مٽياري(ن ع آ)کنڊو قومي شاهراه جي لڳو لڳ قاضي آباد ڪالوني جي سوين رهواسين بااثر بلڊر پاران ڪالوني جي رجسٽريشن نه ملڻ ۽ ايگريمينٽ تحت بنيادي سهولتون نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي قاضي آباد ڪالوني جي سوين رهواسين فدا حسين سولنگي، اڪبر مري، چيتن ڀيل، نرسينگ، ڌنيو، ارجن، ريوو، الله بخش بروهي، عالم بروهي، ڪنهيو، چندو باگڙي ۽ ٻين ميڊيا آڏو ڌاهيندي چيو ته اسان 2010 ۾ ھالا پراڻا جي بااثر شخصیت قاضي شوڪت کان قاضي آباد ڪالوني ۾ پلاٽ ورتا هئا جنهن جي ايگريمينٽ تحت ڪالوني کي بجلي، گئس، پاڻي، مسجد، مندر، پارڪ، سوڌو ڊرينيج سسٽم ڏيڻو هو پر 10 سال گذري وڃڻ باوجود ڪالوني کي ڪابه بنيادي سهولت نه ملي سگهي آهي جڏهن ته اسان کي ايگريمينٽ تحت رجسٽريشن به نه ٿي ڏني وڃي اسان ڪيترائي ڀيرا قاضي شوڪت وٽ ويا آهيون پر هو اسان سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهي هنن چيو ته اسان ايم اين اي مخدوم جميل الزمان، ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ ٻين وس وارن آڏو ڪيترائي ڀيرا ڌاهين چڪا آهيون پر ڪير به اسان سان انصاف ڪرڻ لاءِ تيار ناهي اسين چيف جسٽس، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سيشن جج مٽیاري کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ڪالوني کي سموريون بنيادي سهولتون ۽ ايگريمينٽ جي روح مطابق رجسٽريشن ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ اسين احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي مٽياري، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي پريس ڪلبن آڏو ڌرڻا هڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.