ڀان سيد آباد ۾ هاءِ اسڪول جي زمين تي قبضي خلاف ريلي، ڌرڻو

ڀان سيدآباد ( ن ع آ) ڀان سيدآباد شهر جي هاءِ اسڪول جي زمين تي قبضي ڪري اڏاوت ڪرڻ خلاف ايس يو پي ڀان جي سڏ تي ايس يو پي ، جيئي سنڌ قومي محاذ رياض چانڊيو ، پي ٽي آء ، سوشل ورڪر ، سياسي سماجي تنظيمن پاران ٻرڙا هائوس ڀان کان سوين ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري قبضا مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقئي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ غلام شبير ٻرڙو علي اصغر شاهاڻي، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گل پنهيار نالي شخص ڪوڙو کاتو ٺهرائي اسڪول جي قيمتي سرڪاري زمين تي قبضو ڪري رهيو آهي، ۽ تعميراتي ڪم شروع ڪري چڏي آهي ، اها زمين 1965 کان 1985 تائين هاءِ اسڪول ۾ زرعي تجربن لاءِ استعمال هيٺ رهي آهي، جنهن جا هزارين شاگرد شاهد آهن، جڏهن ته اها ساڳي زمين 1985 کان 2005 تائين مقاطعي تي هئي، جنهن جون رسيدون به هيون پر اهي ان وقت جي هيڊ ماستر گم ڪيون آهن، هنن چيو ته جنهن زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، هلندڙ ڪم روڪرائي  قبضا مافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري فوري طور قبضو ڪندڙ گل پنهنيار کي گرفتار ڪري اسڪول جي پلاٽ کي بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.