نندو ۾ 4 ڪروڙ جي لاڳت سان ٺهيل ڊرينيج نظام ناڪاره

نندو ( ن ع آ ) نندو ۾ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ پاران پنج سال اڳ چار ڪروڙ کان مٿي لاڳت سان ٺهيل ڊرينج سسٽم پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۽ ٺيڪيدار جي ملي ڀڳت سبب چالو نه ٿي سگهيو آھي، جنهن جي ڪري شھر جي گٽرن جو گندو پاڻي ۽ حاليه برسات جو سمورو پاڻي ڊرينج سسٽم جي ڀرسان پيل کڏ ۾ جمع ٿيڻ لڳو آھي، جنهن جي ڪري هڪ طرف گورنمنٽ هائير سيڪينڊري اسڪول نندو جي ٺهيل عمارت ۾ ڏار پئجي رهيا آھن ته ٻئي طرف وري گندي پاڻي مان بدبوء اچڻ سبب شاگرد توڙي استاد ڪيترن ئي بيماري ۾ وٺجي ويا آھن، انهي سلسلي ۾ گورنمنٽ هائير سيڪينڊري اسڪول نندو جي پرنسيپال محمد کٽي صحافين سان رابطي تي ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي نااهلي سبب پنج سال کان ٺهيل ڊرينج سسٽم نه هلي سگهيو آھي، جنهن جي ڪري اسڪول جي بلڊنگ کي ڪافي نقصان ٿي رهيو آھي،بند پيل ڊرينج سسٽم کي چالو ڪري اسڪول جي عمارت کي نقصان کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.