هالاڻي لڳ خون لوڙهڻ جي ڪوشش، 2 قاتل آزاد، احتجاج

هالاڻي (ن ع آ) ھالاڻي ڀرسان هوت خان جلباڻي جي سومرا برادري جو ڳوٺ جي سياسي بااثرن ۽ لاکاروڊ پوليس  خلاف احتجاجي مظاهرو  تفصيل موجب: هوت خان جلباڻي جي سومرا برادري جي سوين ماڻهن روڊ  تي ٽائر ساڙي بااثرن ۽ لاکاروڊ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.  مظاهري کي خطاب ڪندي حمزه سومرو،محمد خان ، راحب، عابد علي ، غلام فريد ، الاهي بخش ، صديق ، ربنواز ، غلام مصطفيٰ ،مجيد سومرو ۽ ٻين چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳي اسان جي برادري جو رجب علي سومرو جو بيگناه  خون ٿي ويو جنهن جي ايف آءِ آر پنجن ڄڻن شمس الدين ، تاج محمد ، عطا محمد ، ارباب ۽ نور محمد سومرو تي لاکاروڊ ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي . جنهن مان پوليس چار ماڻهو گرفتار ڪيا پر لاکاروڊ ايس ايڇ او اڪرم جانوري ڳري رشوت وٺي ۽ حڪومتي در جي سياسي وڏيرن جي ونگار وهندي ٻه ماڻهو ڇڏي ڏنا ۽ ڪورٽ ۾ صرف ٻه ماڻهو پيش ڪيا ويا.  اڃان پنج جوابدار لاپتا آهي هنن صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته لاکاروڊ پوليس جوابدار ڌر ۽ بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ اسان جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي ٻئي پاسي ڪجھ ڏوهاري قسم جا ماڻهو حبيب سومرو ۽ ٻيا اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ پريشان ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن  هنن آءِ جي سنڌ وزير اعليٰ سنڌ ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان پرزور مطالبو ڪيو ته هنن ظالمن کي گرفتار ڪري جلد کان جلد سزا ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.