اوٻاوڙي لڳ نينگر بيمار، علاج جي اپيل

اوٻاوڙو (ن ع ا ) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ الھداد انڍڙ ۾ پورھيت عمرحيات انڍڙ جا ٻه نينگر پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿيل جڏھن ته ھڪ  10  ورھين جو نينگر محمد حسين  انڍڙ والدين جي غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري  پراسرار بيماري سان بي وسي جي جنگ وڙھندي فوت ٿي ويو آھي ۽ ٻيو 16 ورھين جو نينگر جند وڏو زندگي موت جي ٻي واٽي تي پيل بي يارو مدد گار بڻيل آھي ۔نينگر  جي والدين عمر حيات انڍڙ  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مان پنھنجي ٻارن جو علاج غريبي حال ۾ وس آھر  پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڪرايو آھي ۔جنھن ۾ مون پنھنجو ٻني ٻارو ۽ گھر جو الھ تلھ سامان وڪڻي پنھنجي ٻچڙن جو علاج ڪرايو آھي پر منھنجا ٻار صحتياب نٿي سگھيا منھنجو ھڪ نيگر موذي مرض ۾ فوت ٿي ويو آھي ۽ ٻيو انھي بيماري ۾ مبتلا آھي اسان پنھنجي ٻچڙي جو ڏک برداشت نه ڪري سگھون مگر غربت اسان کي رولي ڇڏيو آھي.  مگر سنڌ سرڪار توڙي گھوٽڪي ضلعي جي چونڊيل نمائندن  منھنجي ٻچڙ جي  سار ناھي لڌي وري به  علائقي واسي بشير احمد ملڪ جو شڪر گذار آھيان جن مون وٽ اچي ڪجھ کائڻ جو  سامان ڏنو۔نينگر جندوڏو انڍڙ جي والد  وڌيڪ چيو ھاڻي ته مون وٽ کائڻ ۽ پيئڻ جي لا۽ ڪجھ به ناھي ۔عمر حيات انڍڙ بلاول ڀٽو زرداري۔وزير اعلي سنڌ ۔ڊي سي گھوٽڪي ۽ چونڊيل نمائندن توڙي ٻين وس وارن کان گھر ڪندي چيو مون مسڪين جي مدد ڪري منھنجي جگر جي ٽڪڙي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي ان جي زندگي بچائي منھنجي گھر ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.