ماٿيلي ۾ مسافرن کي پاڻي پياريندڙ هندو واپاري کي روڪيو ويو

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ميرپورماٿيلو ريلوي اسٽيشن تي 25 سالن کان مسافرن کي مفت ۾ پاڻي پيئاري حقيقي خدمت ڪندڙ پيرسن  ھندو واپاري کوب چند کي ريلوي جي اھلڪار رياض سيال روڪي ڇڏيو آھي،جيڪو 25 سالن ۾ پھرين دفعا ھفتي کان ريلوي پليٽ فارم تي ۽ ريل گاڏين ۾ مسافرن کي پاڻي پيئارڻ ڇڏي ڏنو آھي،ميرپورماٿيلو جي شاھي بازار ۾ مڃارڪو دڪان ھلائيندڙ ھندو واپاري کوب چند”عوامي آواز“ سان ڳالھائيندي چيو تہ ڏاڍو مايوس آھيان پوليس اھلڪار جي منع ڪرڻ تي ۽ ان جي رويئي تي،ھن چيو تہ پليٽ فارم تي مقرر ريلوي پوليس اھلڪار رياض سيال ڌمڪي ڏني آھي تہ جيڪڏھن آئون مفت ۾ مسافرن کي پاڻي پيئاريندي پليٽ فارم تي نظر آيم تہ منھنجي خلاف ھو بشني گيري ۽ جيب ڪاٽڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيندو، ھن چيو تہ ميڊيا تي بہ اچڻ نہ ٿو چاھيان ۽ نہ ئي ان پوليس واري جي نوڪري ختم ڪرائڻ ٿو گھران،ھن چيو تہ مالڪ کي مون مان جيڪا خدمت وٺڻي ھئي سا ورتائين،ھاڻ مالڪ جي مرضي،ياد رھي تہ ڄاڻايل پيرسن واپاري کوب چند انتھائي رحم دل ۽ سخي شخصيت آھي ،جيڪو گذريل 25 سالن کان مسافرن کي پاڻي پيئارڻ سان گڏ ھر روز درجنين ڪتن ٻلن توڙي جانورن کي ۽ سوين پکين کي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ کارائيندو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.