حيدرآباد ۾ پسند پرڻو ڪندڙ ناري اغوا، مڙس جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) لطيف آباد نمبر 6 جي رهواسي اڍائي مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ پورهيت نوجوان وليد ولد عبدالرئوف ڪالهه  حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پنهنجن گهرڀاتين سميت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 28 جولاءِ 2020 تي هن سائيٽ ايريا حيدرآباد جي رهواسڻ عائشه ڌي محمد اقبال پٺاڻ سان پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن تي پٺاڻ برادري جي ماڻهن 15 ڏينهن اڳ سندس گهر تي چڙهائي ڪري سندس زال عائشه کي کنڀي کڻي ويا آهن، جڏهن ته کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته حد جي پوليس پٺاڻ برادري سان ٻٽ بڻيل آهي، جڏهن ته پوليس سندس زال عائشه جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿاڻي مان موٽائي ڇڏي ٿي. هن چيو ته هو غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته پٺاڻ برادري انتهائي بااثر آهي. هن چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، اي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته سندس زال جي اغوا جو ۽ کيس ملندڙ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪري زال بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.