جوهي برانچ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهتو، متاثر آبادگارن جو مظاهرو

جوهي (ن ع آ )  ) جوهي ۾ سياسي تقرار بڻيل زرعي پاڻي پڇڙي جي آبادگارن جي شاخن تائين  نه پهتو آبادگارن جي تحريڪ  جاري ان سلسلي ۾ جوهي جي متاثرين شاخن جي آبادگارن غلام قادر شينهن رند ,ميهر گاڏھي, جهنڊو لغاري، خان محمد رودناڻي، صفر لنڊ، گلشير رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوهي جو زرعي پاڻي بند ڪرڻ تي منڍ جي پاڻي چور کاتيدارن آبپاشي انجنيئر ايس ڊي او ۽ ٻين سهولتڪارن خلاف احتجاجن هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقع تي متاثرين آبادگارن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام  هنيو ته  زرعي پاڻي بند هئڻ ۽ آبادي جو هزارين ايڪڙن تي هڪ سلو به آباد نه ٿيڻ ڪري جوهي تعلقو سالن کان معاشي طور مڪمل تباهه ٿي ويو آھي هنن چيو ته جوهي برانچ جي منڍ تي پاڻي چورن وٽ سئو سيڪڙو آبادي آھي جنهن ۾ پ پ جا چونڊيل نمائندا پاڻي چوري ۾ ملوث آھن هنن چيو ته ظلم آھي جو جوهي برانچ جي پڇڙي جون سمورين  شاخن مان  سالن کان واري اڏامي رهي آھي، هزارين ايڪڙ غير آباد آھن هزارين رهواسي هاڻ آبادي ته ٺھيو چوپائي مال سان گڏ انسان پکي به اڃ مري رهيا آھن، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.