ڏاج تي پابندي، حڪومت پاران قانونسازي جون تياريون

اسلام آباد ( م ڊ )  وفاقي حڪومت ڏاج تي پابندي لاءِ قانونسازي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب قانونسازي ۾ تجويز ڪيو ويو  آهي ته گهوٽ جو خاندان فرنيچر، گاڏيون، زمين، ملڪيت يا زيورن جو مطالبو نه ڪري سگهندو. ذريعن ٻڌاوي ته ڏاج ۾ اسلامي تعليمات موجب بنيادي ضرورتن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ڪنوار جا ڪجهه ڪپڙا ڏاج ۾ شامل هوندا. ذريعن موجب تجويز ڪيو ويو آهي ته ڏاج جي رقم يا سامان جي قيمت 4 تولا سون جي قيمت کان وڌيڪ نه هجي، جڏهن ته مهمانن پاران ڏنل تحفن جي قيمت جو به طعين ڪيو ويندو. قانونسازي ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته ڏاج تي پابندي جو قانون چئني صوبن تي لاڳو ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.