گولاڙچي ڀرسان افسوسناڪ واقعو، حيسڪو جي نااهلي سبب 3 گهرڀاتي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

بدين /گولاڙچي(رپورٽ:رازق ڏنو کوسو+ عيدن زيندپور) بدين ويجهو ترائي لڳ المناڪ حادثو، حيسڪو جي نااھلي ھڪ ھاري جو گھر اجاڙي ڇڏيو، بجلي جي  لٽڪيل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ماءُ، ڌي ءُ پٽ سڙي فوت، ھانء ڏاريندڙ حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ واري فضا، خبر موجب ترائي ڀرسان ڳوٺ محمود کوسو ۾ ٻني مان لابارو ڪري گھر موٽندڙ ٽيھ سالا مسمات ميرا جي مٿي تي رکيل گاھ جي ڀري لٽڪيل تار ۾ لڳڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ ڪري ڦٿڪڻ لڳي، جڏھن ته موقعي تي ماءُ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي سندس ڌيءُ لکي ۽ پٽ پرڪاش پڻ فوت ٿي ويو، ٽنھي جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ انڊس اسپتال بدين نيا ويا ،علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بجلي جي تار ڪرڻ سان سارين کي باهه به لڳي وئي، هوڏانهن توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ ٽن گهرڀاتين جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي، هن فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته واقعو حيسڪو جي نااهلي سبب پيش آيو، حيسڪو آفيسرن خلاف قتل ۽ غفلت جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.