ڪراچي ۾ فائرنگ، جامعه فاروقيه جو سربراهه مولانا عادل ڊرائيور سميت شهيد

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جامعه فاروقيه جي مهتم مولانا ڊاڪٽر عادل سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا. ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪري  ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر مولانا عادل ۽ سندس ڊرائيور منصور زخمي ٿي پيا.  زخمي مولانا عادل کي لياقت نيشنل کي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته زخمي ٿيل ڊرائيور منصور جناح اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. ڊاڪٽر عادل خان جامعه فاروقيه جو مهتم هو ۽مولانا سليم الله جو پٽ هو. وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير چيو آهي ته مولانا عادل جو قتل ڪراچي جو امن تباهه ڪرڻ جي سازش آهي. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر وڏي وزير کي شروعاتي رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته مولانا عادل ڪجهه خريد ڪرڻ لاءِ گاڏي روڪي ته مٿس فائرنگ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.