وزيراعظم ڪهڙي قانون تحت ماڻهن کي جيل ۾ وجهندو؟ ڪائره

لاهور ( م ڊ )  پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي بينر هيٺ گوجرانوالا ۾ رٿيل  جلسو تحريڪ انصاف جي حڪومت مان جند آجي ڪرائڻ جي شروعات هوندي.ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر الزمان ڪائره چيو ته اڃا ته تحريڪ جي شروعات ٿي آهي ۽ حڪومتي ترجمانن جا هوش خطا ٿي ويا آهن،وزيراعظم عمران خان ڌمڪين تي لهي آيو آهي، کيس ماڻهن کي جيل ۾ وجهڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو؟ وزيراعظم وٽ اپوزيشن تي الزام لڳائڻ کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته سياستدانن کي خبر هوندي آهي ته فيصلو ڪڏهن ڪرڻ گهرجي، استعيفائن جو فيصلو به انهن کي ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.