”پي ڊي ايم جو گجرانوالا جلسو حڪومت کان ڇوٽڪاري جو آغاز هوندو“

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي بينر هيٺ گجرانوالا ۾ ٿيندڙ جلسو پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مان ڇوٽڪارو جو آغاز هوندو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڃان ته تحريڪ جو آغاز آهي ۽ حڪومتي ترجمانن جي هوا پئي نڪري. وزير اعظم عمران خان ته کليل ڌمڪين تي لهي پيو آهي. وزير اعظم وٽ مخالف ڌر جي خلاف غلط الزام هڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

قمر زمان ڪائره چيو ته ٻڌايو وڃي مخالف ڌر ڪهڙي ڀارتي نظريي تي هلي رهي آهي. حڪومت پي ڊي ايم سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ته ضرور ڪري. پر ڳالهيون اوپن ٿينديون.

استعيفيٰ بابت سوال جي جواب ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته سياستدانن کي خبر هوندي آهي ته ڪڏهن ڪهڙو فيصلو ڪرڻو آهي. استعيفائن جو فصلو به انهن کي ئي ڪرڻ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.