سمنڊ جي صفائي ڪندڙ انوکو اوزار تيار

آٽو موبائل ڪمپني سوزوڪي سامونڊي آلودگي ۾ گھٽتائي لاءِ هڪ اهڙو اوزار تيار ڪيو آهي جيڪو سمنڊ مان پلاسٽڪ جا ننڍا ننڍا ذرڙا صاف ڪري سگھندو.

پرڏيهي ويب سائيٽ موجب جاپان جي سوزوڪي موٽرز اعلان ڪيو آهي ته هن هڪ اوزار تيار ڪيو آهي جيڪو ٻيڙن جي ٻاهران لڳل موٽر کي مائڪرو پلاسٽڪ گڏ ڪرڻ جوڳو بڻائيندو.

مائڪرو پلاسٽڪ، پلاسٽڪ جا ننڍا ذرڙا هوندا آهن، جيتوڻيڪ اِهي ننڍا هوندا آهن تنهنڪري هر قسم جي فلٽر پلانٽ مان سولائي سان نڪري ويندا آهن ۽ درياهن،  ڍنڍن ۾ شامل ٿي سامونڊي جيوت لاءِ خطرو بڻجي ويندا آهن.

سوزوڪي ڪمپني پلاسٽڪ جي ننڍن ذرڙن سبب ٿيندڙ آبي گدلاڻ جي مسئلي جي حل لاءِ ڪيترن ئي ورهين کان تحقيق ڪري رهي هئي.

موٽر گاڏيون ٺاهيندڙ ان ڪمپني موجب هنن ٻيڙن ۽ بحري جهازن جي ٻاهران لڳل موٽرن تي ڌيان ڏنو جيڪي انجڻ کي ٿڌو رکڻ لاءِ ٽنن جي حساب سان پاڻي پمپ ڪندا آهن.

اهو اوزار پمپس مان خارج ٿيندڙ پاڻي کي فلٽر ڪندو ۽ پاڻي ۾ موجود ڪچري کي گڏ ڪندو.

ڪمپني موجب رڳو ٻيڙي هلائڻ سان پاڻي جي سطح تي موجود مائڪرو پلاسٽڪ جا ذرڙا گڏ ڪري سگھجن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.