نوابشاھ :ايس ٽي پي پاران لب گجر واھه پارڪ تي قبضي خلاف مظاهرو

نوابشاھ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي نوابشاهه پاران لب گجر واھه پارڪ تي ٿيل قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، نثار ڪيريو، رفيق ملاح، شاھنواز ڪيريو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه ڊپٽي ڪمشنر آفيس  ٻاهران علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  نوابشاهه ۾ حڪومت ڌر جا ماڻهو لينڊ مافيا بڻجي چڪا آهن ۽ انھن شھر جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن، پر ھتان جي انتظاميان قبضا مافيا آڏو بلڪل خاموش ۽ بيوس بڻيل آهي ، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته لب گجر واھه تان قبضو ختم ڪرائي ان جي سونهن بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو جنھن جي ذميوار نوابشاهه جي انتظاميه ھوندي.

رپورٽ- رحيم لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.