”نيب گورننس سان تباهي آڻيندڙ طريقي سان کيڏي رهيو آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نندي پور ريفرنس ۾ بابر اعواڻ ۽ جسٽس رٽائرڊ رياض ڪياني کي بري ڪرڻ ۽ اڳوڻي سيڪريٽري قانون مسعود چشتي کي بري نه ڪرڻ خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اڳوڻي قانون واري وزير بابر اعواڻ ۽ جسٽس رٽائرڊ رياض ڪياني جي بريت خلاف اپيلن، جڏهن ته اڳوڻي سيڪريٽري قانون مسعود چشتي جي بريت درخواست رد ڪرڻ جي فيصلي خلاف اپيل تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته نيب گورننس سان تباهي آڻيندڙ طريقي سان کيڏي رهيو آهي، نيب بيورو ڪريٽن جو فيصلو وٺڻ جو اختيار واپس وٺڻ چاهي ٿو، بيورو ڪريٽن سان ائين ورتاءُ نه ٿيڻ گهرجي، ائين ته سڄو نظام تباهه ٿي ويندو.

چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته هڪ پرڏيهي ڪمپني سان معاهدي تي هي ڪيس ٺاهيو ويو، جيڪڏهن توهان ائين ڪندئو ته توهان وٽ پرڏيهي سيڙپڪار ڇو ايندا؟ پري پري تائين ڏسجي ته هي ڪيس ٺهندي ئي نظر نٿو اچي.

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته توهان نيب آهيو، ڪرپشن ڪيس پڪڙيو، ڇا ان ۾ ڪا ڪرپشن آهي؟ ان جا ڀوائتا نتيجا آهن، ان ڪري ته سڄي گورننس بيٺل آهي، سيڪريٽري قانون جي راءِ کانپوءِ ان جو ڪردار ختم ٿي ويو، توهان ان کي جوابدار بڻائي ڇڏيو.

عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.