نيو سعيد آباد ۾ بي اي ۽ ايم اي جي امتحان دوران جج جو ڇاپو

نيوسعيدآباد (ت ر) نيو سعيد آباد ۾ بي اي ۽ ايم اي جي امتحان جي سينٽر تي شاگردن پاران  مبينا ڪاپي ڪرڻ جو اطلاع ملڻ تي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ٽو سعيدآباد ميڊم حنا رشيد جو مخدوم محمد زمان طالب مولا ڊگري ڪاليج نيو سعيد آباد تي عدالتي عملي شھزاد ميمڻ ۽ ٻي واسطي دار عملي سان گڏ ڇاپو ھنيو، جنھن دوران شاگردن وٽان موبائيل فونون برآمدڪيون ويون، جڏھن ته ڪاپي روڪڻ جي لاءِ ڪاليج انتظاميه پاران ڪي بندوبست نـه ڪيا ويا ھئا جنھن تي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ميڊم حنارشيد کوسو سخت ڪاوڙ جو اظھارڪيو. ڇاپي دوران ڪاپي ڪندڙ 15 شاگردن کان جوابي ڪاپيون ڦري ضبط ڪيو ويون. ان موقعي تي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ  پرنسيپل کي ھدايت ڪئي ته ڪاپي کي روڪڻ لاءِ بھتر انتظام ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.