راڻيپور ۾ بدامني، هڪئي ڏينهن ٻه موٽر سائيڪلون چوري

راڻيپور ( ن ع آ ) راڻيپور ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، جنهن سلسلي ۾ هڪ ئي ڏينهن لک روپيه ماليت جون  ٻه موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويون پهريون واقعو ڳوٺ علي آباد وساڻ جي رهائشي سبزي فروش پورهيت اسد علي وساڻ جي موٽر سائيڪل ٽوٽل پئٽرول پمپ ڀرسان چوري ٿي وئي، ٻئي واقعي ۾ هالاڻي جي رهائشي راڻيپور جي بودلي پاڙي ۾ رضا حسين سومري جو مهمان ٿي آيل علي گوهر سومري جي گهر ٻاهران بيٺل نئين سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي جنهن کي نامعلوم چاٻي چور شاهينگ ڪاهي فرار ٿي هليو ويو.  اهڙن ٻنهي واقعن جي ٿاڻي ۾ اين سي داخل ڪئي وئي آهي جڏهن ته موٽر سائيڪل چوري ۾ متاثر سخت پريشان هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.