شاھه لطيف جو پيغام پوري انسان ذات لاءِ روشني آھي: سردار پيرزادو

سکر(رپورٽر) شاهھ لطيف جي شخصيت ۽ شاعري ڪايئناتي اثر انگيز آھي، ھن سنڌ سان حب جو اظھار ڪندي ساري دنيا جي انسانن لاءِ  خير جي دعا ڪئي آھي. اھڙو اظھار جديد ٽھيءَ جي انقلابي شاعر سردار پيرزادي سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر طرفان عظيم شاعر شاھ لطيف جي ڏينھن جي حوالي سان ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ھن چيو ته شاهھ لطيف جو پيغام پوري انسان ذات لاءِ روشني آھي، مذھبي نسلي ۽ جنسي مٿڀيد کان سواءِ حقيقي عشق تي ٻڌل آھي. سندس مٿان حڪمران ڌر جي ظلمن جو عتاب پڻ رھيو پر ھو ھڪ سچي انقلابي شاعر جيان پنھنجي ڌرتيءَ جي مظلومن جي حمايت ۾ لکندو رھيو. .ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سيڪريٽري ۽ سينيئر صحافي اديب مجيد نواز مغل، نقاد سچل ڀٽي، جاويد سنڌو، ضياءَ ڀٽي، دلبر ڀٽو، منوھر لعل، ڪشور ڪمار، سعيد مغل، رياض ڪلادي، عبدالغني مڱرئي، جام سعيد ۽ يامين ميراڻي ڀٽائيء کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شاھه لطيف جي شاعري ھر دور جي شاعري آھي سدابھار شاعري آھي، ھن پنھنجي دور کان سواءِ سنڌ جي شاندار ماضي تي به  لکيو آھي. ھنن چيو ته شاھه لطيف جي مختلف رسالن بابت متضاد رايا ايندا رھيا آھن پر ٻين شاعرن ۽ شاھ لطيف وچ ۾ مقابلو ڪرڻ مناسب عمل ناھي. گڏجاڻيءَ ۾ تعليمي ماھرن زبير مڱرئي جي امڙ ۽ قربان مڱرئي جي ڀيڻ جي وفات تي تعزيتي ٺھراءُ پاس ڪيو ويو.جڏھن ته صدر محفل سردار پيرزادي ھڪ آرٽيڪل ۽ بعد ۾ ترنم ۾ بنا تنقيد جي نظم پڙھي داد وصول ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.