سياري ۾ ڪورونا جي ٻي لهر جو خدشو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جو خدشو ظاهر ڪندي عوام کي احتياط جي اپيل ڪئي  آهي،پاڪستان ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان صورتحال ضابطي ۾ آهي ۽ آگسٽ مهيني کان حالتون وڏي حد تائين معمول تي اچڻ شروع ٿي ويون هيون.سيپٽمبر ۾ وڏي عرصي کان بند تعليمي ادارا به مرحلي وار کوليا ويا پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪورونا ڪيسن ۾ انگ ۾ واڌ رڪارڊ ٿي رهي آهي.خاص طور سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهڻي حد تائين واڌ ڏٺي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو شهر جي 7 ضلعن جي مختلف علائقن ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي.وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان تي رب ڪريم جو خاص فضل رهيو ۽ اسان ڪووڊ 19 جي بدترين اثرن کان محفوظ رهياسين پر خدشو آهي ته سياري ۾ وبا جي ٻي لَهر ڪَر کڻي سگهي ٿي.هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اپيل ڪندي چيو آهي ته وبا ۾ تيزيءَ سان واڌ کان بچڻ لاءِ پنهنجو مُنهن چڱي طرح ڍڪي نڪرو. ماسڪ پائڻ سڀني آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ يقيني بڻايو وڃو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.