کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ ڪراچي ۾ مارچ، گورنر هائوس آڏو ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾کنڀي گم ڪيلن  جي بازيابي  لاءِ مختلف ڌرين پاران مارچ ڪري گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. سنڌ ۽ بلوچستان مان  کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ وائس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ، سنڌ  سجاڳي فورم، ايڇ آر سي پي ۽ ٻين جماعتن جي سڏ تي ڪراچي گورا قبرستان کان شاهراهه فيصل تي مارچ ڪري گورنر هائوس سامهون ڌرڻو هڻي زوردار نعريبازي ڪئي وئي.  مارچ جي اڳواڻي وائس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي سربراهه سورٺ لوهار، سنڌ سجاڳي فورم جي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جوئي، جسقم (آريسر) جي مرڪزي سينيئر وائس چيئرمين امير آزاد پنهور، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، جسقم (بشير خان) جي الاهي بخش بڪڪ، جست (صفدر سرڪي) جي مختيار سومري، جست (ڪرناڻي) جي سورهيه سنڌي، ايس يو پي اڳواڻ منير مگسي، وي ايم پي اڳواڻ سهڻي جويو، سسئي لوهار، دانشور تاج جوئي، دلشاد ڀُٽي، سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي، ايڇ آر سي پي سنڌ جي صدر اسد بٽ، بلوچ مسنگ پرسنز جي هاني گل بلوچ، سيما بلوچ، مهلب بلوچ، سنڌ ساگر پارٽي جي سڪندر تنئي، اردو ڳالهائيندڙ گم ٿيلن جي اڳواڻ نغما شيخ، گم ٿيلن جي وارثن شازيا چانڊيو، اقصيٰ دايو، عبدالرزاق سميت ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، سنڌ جي نوجوانن ۽  اردو ڳالهائيندڙ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي.جنهن ۾  حيدرآباد بار ڪائونسل ۽ سنڌ سجاگي فورم جو سربراهه ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري ، عاقب چانڊيو ، محمود نوتڪاڻي ، امتياز خاصخيلي ، رياض خاصخيلي ، امداد شاهه ، بچل شاهه ، مسعود شاهه ، انصاف دايو سميت سوين  نوجوان ۽ ڪارڪن  شامل آهن،جڏهن ته بلوچستان مان بلوچ قومپرست ڪارڪنن کي زبردستي غائب ڪيو ويو آهي. ساڳئي ريت هزارين پشتون خيبرپختونخوا مان به ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا آهن، اڳواڻن  چيو ته جيڪڏهن انهن خلاف ڪو ڪيس آهي ته عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.  ٻي صورت ۾ هن بدترين رياستي جبر کي برداشت نه ڪنداسين. هنن چيو ته  ايندڙ مارچ ۽ ڌرڻو وڏي وزير جي گھر اڳيان  هنيو ويندو، هنن وڌيڪ چيو ته آزادي مارچ جو  سلسلو حيدرآباد کان شروع ٿيو هو اهو جاري رهندو.هنن  عالمي برادري، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيلن کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.