ملير ۾ نوازشريف کي غدار قرار ڏيڻ خلاف ريلي، ٻيٽ وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين: شاهه محمد شاهه

ملير (ڊ ر ) مسلم ليگ ن ملير پاران عمران حڪومت جي ناقص پاليسين ۽ نواز شريف کي غدار سڏڻ خلاف ملير پريس ڪلب آڏو سوين ڪارڪنن احتجاجي  ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، احتجاجي ريلي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر سيد شاهه محمد شاهه، ايم اين اي کئيل داس ڪوهستاني، مسلم ليگ ن يوٿ جي صدر راجا انصاري، نهال هاشمي، فيروز خان، ملڪ تاج شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي شاهه محمد شاهه چيو ته عمران خان نيازي جي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن، حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب عوام بک، بدحالي ۽ مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، يوٽرن وزيراعظم عوام سان جيڪي ڌوڪا ڪيا آهن انهن جو عوام کانس جلد حساب وٺندو، هاڻي پوري ملڪ ۾ گو عمران خان گو جا نعرا لڳي رهيا آهن ان ڪري عمران حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري عوام سک جو ساهه کڻندي، هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان جي هيروز شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، فاطمه جناح سميت ڪيترن ئي ليڊرن کي غدار جو لقب ڏئي چڪي آهي، نواز شريف وطن واپس ايندو، نيازي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن کي ڪنهن به صورت ۾ وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين، عمران خان حڪومت رڳو سنڌ جي عوام سان نه پر پوري ملڪ جي عوام سان زيادتيون ڪيون آهن، اسرائيل جو ايجنٽ نواز شريف کي غدار سڏي رهيو آهي پر اهو تاريخ فيصلو ڪندي ته غدار ڪير آهي، اسان سڄي سنڌ ۾ نيازي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 12 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن پاران زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.