زيادتي جو شڪار ناريءَ جي وارثن سان ملڻ ويندڙ راهول گانڌي تشدد کانپوءِ گرفتار

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پوليس ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي کي گرفتار ڪري ورتو.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪانگري اڳواڻ راهول گانڌي پنهنجي ڀيڻ پريانڪا گانڌي سان گڏ اتر پرديش رياست جي علائقي هتراس وڃي رهيو هو، جتي کيس جنسي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيل هيٺين ذات جي ناريءَ جي وارثن سان ملاقات ڪرڻي هئي.

پوليس اڳ ۾ اپوزيشن اڳواڻ راهول ۽ پريانڪا جي گاڏين کي روڪيو، جنهن کانپوءِ انهن پنڌ مارچ شروع ڪيو ته پوليس کين اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ لٺبازي شروع ڪري ڇڏي، ان دوران راهول گانڌي کي ڌڪا ڏنا ويا ۽ مٿس تشدد پڻ ڪيو ويو.

رياستي اختيارين جو چوڻ آهي ته هتراس ۾ قلم 144 لاڳو هجڻ سبب 4 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي آهي، جنهن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي وئي.

هوڏانهن ڪانگريس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتيا جنتا پارٽي جا ڪيترائي ميمبر پاڻ هراسمينٽ ۾ ملوث آهن ۽ هراسان ڪندڙن کي پناهه ڏيندڙ بي جي پي نه ملڪ جي نياڻين کي انصاف ڏئي سگهي ٿي ۽ نه اهڙن ڏوهن کي روڪي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي صحافين سان ڳالهائيندي پريانڪا گانڌي چيو ته بي جي پي وارا هر معاملي ۾ هندومت جي ڳالهه ڪندا آهن پر هڪ پيءُ کي پنهنجي ڌيءُ جون آخري رسمون به ادا ڪرڻ نه ڏنيون ويون.

سندس چوڻ هو ته هڪ مغرور حڪومت معصوم نياڻين جي لاشن جي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ ناانصافين کي روڪڻ بدران پاڻ ئي ناانصافيون ڪري رهي آهي.

واضح رهي ته اتر پرديش جي ضلعي هتراس ۾ 14 سيپٽمبر تي مٿين ذات سان واسطو رکندڙ 4 هندو نوجوانن 19 ورهين جي دلت ناري کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو، جنهن کانپوءِ 29 سيپٽمبر تي متاثر ناري اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي.

دلت ڇوڪريءَ سان پيش آيل اهڙي واقعي کانپوءِ سڄي ڀارت ۾ باهه ٻري وئي آهي ۽ عوام حڪومت کان متاثرن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.