ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ کانپوءِ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ پهريون مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي علائقي منگهي پير يوسي 8 ۾ فوري طور مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون اڄ رات 12 وڳي کان هوندو ۽ 15 آڪٽوبر جي شام 7 وڳي تائين جاري رهندو.

پڌرائيءَ موجب منگهي پير يوسي 8 ۾ سمامه ولاز ۽ صائمه سٽي مان ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جنهن کانپوءِ اتي مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو.

نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ منگهي پير يوسي 8 ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي هوندي، علائقي ۾ سموريون ڪاروباري سرگرميون معطل رهنديون ۽ رڳو راشن جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽور کليل رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.